تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ حڪومت 5 ضلعن ۾ اليڪٽرڪ بسون هلائڻ جو اعلان

- Advertisement -
سنڌ حڪومت 5 ضلعن ۾ اليڪٽرڪ بسون هلائڻ، ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ زمينون آباد ڪرڻ بابت نظام ۽ سمنڊ جو پاڻي ري سائيڪلڊ ڪري صنعتن کي ڏيڻ بابت منصوبو آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. وڏي وزير جي صدارت هيٺ مختلف منصوبن بابت گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، ڄام اڪرام الله ڌاريجي، ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري  ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران اولهه ڪراچي ري سائيڪلڊ واٽر پراجيڪٽ تي ڳالهيون ويون، وڏي وزير جو چوڻ هو ته ويسٽ ڪراچي ري سائيڪلڊ واٽر پراجيڪٽ ون 35 ايم جي ڊي ٽريٽ ڪندو. هن چيو ته سائٽ ۾صنعتي استعمال لاءِ ري سائيڪلڊ پاڻي فراهم ڪرڻ سان گهرن کي مٺو پاڻي فراهم ڪيو ويندو، پاڻيءَ جي ٽريٽمينٽ سان سمنڊ ۾ ماحولياتي گدلاڻ به گهٽ ٿي ويندي. اجلاس دوران شرجيل ميمڻ چيو ته ييلو لائن بي آر ٽي پراجيڪٽ ۾ بسن سان گڏوگڏ انهن جو آپريشن شامل آهي. هن چيو ته ييلو لائن بي آر ٽي لاءِ پرائيويٽ پارٽنر پورو پراجيڪٽ هلايو ويندو. شرجيل مي۾ڻ چيو ته منصوبي تحت 60 بسون هر ڊويزن کي ڏنيون وينديون، اهي بسو ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص  ۽ شهيد بينظير آباد ۾ هلايون ويندو. توانائي واري وزير ناصر شاهه ٻڌايو ته ڪول گيسيفڪيشن ڏکڻ آفريڪا، آمريڪا ۽ چين ۾ هلي رهي آهي، ڪوئلي مان گيس ٺاهڻ جي ڪامياب ٽيڪنالاجي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.5 ° C
24.5 °
24.5 °
23 %
2.9kmh
10 %
جمعو
24 °
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون