ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي خلاف ڪشميرين طرفان اڄ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي

- Advertisement -
ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي خلاف ڪشميرين طرفان اڄ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به ڪشمير جي حمايت ۾ ريليون ڪڍيون ويون. حيدرآباد ۾ ڪشميري عوام سان ٿيندڙ ظلم خلاف ڊي سي زين العابدين جي اڳواڻي ۾ شهباز بلڊنگ اڳيان ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شهرين ۽ مختلف مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. لاڙڪاڻي ۾ جماعت اسلامي پاران ڪشمير تي ڀارتي قبضي خلاف ايڊووڪيٽ نادر علي کوسو، رميز راجا شيخ، عباس علي ڏاهاڻي، ابو زبير جکرو، رياض مشوري، عبدالحميد مغل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. نوابشاهه ۾ اي سي اقبال احمد تنيو جي اڳواڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڀارت خلاف ۽ ڪشمير جي حق ۾ نعريبازي ڪئي وئي. ملير ۾ ابراهيم حيدري ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي چيئرمين نظير احمد ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ٽائون آفيس کان قومي شاهراهه تائين ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ  ريلي ڪڍي وئي. ڪوٽڙي ۾ ڊي سي ڄامشوري جي اڳواڻي ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. خيرپور ۾ ضلعي انتظاميا طرفان ڊي سي احمد فواد شاهه، اي سي ارسلان ڦلپوٽو، اسسٽنٽ مختيارڪار شيراز ڦلپوٽو، ڊي ايس پي سٽي فراز ميتلو، ڊي اي او عبدالسميع ڀنڀرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. دادو ۾ ڊي سي مختيار علي ابڙو، اي سي غلام فاطمه گهلو، پروفيسر محمد عرفان ڪلهوڙو جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس کان ريلي ڪڍي وئي. جيڪب آباد ۾ اي سي غلام عباس سڌايو، اي سي احمر افتاب، ڊي ايس پي هيڊ ڪوارٽر شاهزمان ڏهر جي اڳواڻيءَ ۾ ۽ جي يو آءِ پاران ابوبڪر سومرو، عبدالصمد ڪتبار، محمد حنيف کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪشمير سان يڪجهتي لاءِ ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون. شڪارپور ۾ اي سي محمد فيضان چيما ۽ اي سي خانپور اياز احمد مشوري جي اڳوڻي ۾ ڪشمير تي ڀارتي قبضي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. شهدادڪوٽ ۾ مختيارڪار عنايت الله جمالي، ڊاڪٽر امتياز شيخ، ابراهيم دايو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مختيارڪار آفيس کان ڌار ڌار ريليون ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. قمبر ۾ ڪشمير سان يڪجهتي لاءِ ڊي سي سجاد حيدر قادري جي اڳواڻي ۾ بوائز هاءِ اسڪول کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ڪنڌڪوٽ ۾ جماعت اسلامي طرفان حافظ نصر الله چنا، غلام مصطفيٰ ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪشمير تي ڀارت جي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سجاول ۾ سول سوسائٽي ۽ شهرين طرفان عبدالحميد کٽي، غلام حسين مير بحر، رشيد ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪشمير سان يڪجهتي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.  
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.6 ° C
25.6 °
25.6 °
37%
3.1m/s
6%
ڇنڇر
26 °
آچر
31 °
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون