- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن ۾ عورت سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
مٺي ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ سوڀارو شاهه واسڻ ٻٻري زال اڻنڌو ڀيل فوت ٿي وئي، جڏهن ته حبيب الله بجير ۽ خميسو ڀيل زخمي ٿي پيا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد عورت جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
دادو جيهو تيز رفتار مسافر ڪوچ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار ٽيڪنيڪل ڪاليج جو چوڪيدار انور ٿهيم ڪوچ هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.- Advertisement -
