ٽنڊوڄام: اسپيشل ٽاسڪ فورس جي ڪارروائي، هڪ هزار گٽڪي جا پيڪيٽ هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

- Advertisement -
ٽنڊي ڄام ۾ پوليس ڪارروائي دوران ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري هڪ هزار کان وڌيڪ انڊين گٽڪي جا پيڪٽ هٿ ڪري ورتا آهن. منشيات خلاف جوڙيل آءِ جي سنڌ جي اسپيشل ٽاسڪ فورساي ايس پي محمد موسا ابڙو جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ الله بخش زرداري ۾ يوسي ڪائونسلر جي گھر تي ڇاپو ھنيو. پوليس ڪارروائي دوران يوسي ڪائونسلر شاھنواز زرداري ۽ حاجي زرداري کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس ڇاپي دوران سفينا، مرينا ۽ آداب  گٽڪي جي نالن سان وڪرو ٿيندڙ انڊين گٽڪي جا هڪ هزار کان وڌيڪ پيڪٽ ھٿ ڪري ورتا. سب انسپيڪٽر گلشير اوڏ جي فرياد تي گرفتار ڪيل ٻنھي جوابدارن خلاف ٽنڊي ڄام ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
22%
6.2m/s
100%
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون