- Advertisement -
وفاقي سرڪار پيٽرول اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو 35 پيسا جڏهن ته ڊيزل جي اگهه ۾ 3 رپيا 85 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي.
قيمتن ۾ اضافي کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 248 رپيا 38 پيسا في لٽر ٿي وئي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 255 رپيا 14 پيسا في لٽر ٿي ويئي.
نوٽيفڪيشن موجب لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 62 پيسا في لٽر واڌ ڪئي ويئي، لائيٽ ڊيزل جي نئين قيمت 147 رپيا 51 پيسا ٿي وئي.
گاسليٽ جي قيمت ۾ هڪ رپيو 48 پيسا واڌ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ گاسليٽ جي نئين قيمت 161 رپيا 54 پيسا في لٽر مقرر ڪئي ويئي آهي.
نيون قيمتون رات ٻارهين وڳي کان لاڳو ٿي ويون.- Advertisement -
