- Advertisement -
بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ گرلز هاءِ اسڪول ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار ۽ اسڪولي ٻارڙن سميت 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، بلوچستان جي وڏي وزير ڌماڪي جي مذمت ڪندي صوبائي گهرو وزير کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
سول اسپتال چوڪ تي گرلز اسڪول ويجهو ڌماڪو ٿيو.
ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 اسڪولي ٻارڙا ۽ هڪ پوليس اهلڪار ٿڏي تي ئي مارجي ويا، جڏهن ته 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.
ڌماڪي بعد مارجي ويل جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن مان وڌيڪ ٽن زخمين علاج دوران دم ڌڻي حوالي ڪيو جنهن بعد مارجي ويلن جو انگ وڌي 7 ٿي ويو.
ڌماڪي ۾ سول اسپتال چوڪ تي موجود پوليس موبائل ۽ رڪشا سميت ڪيترين يئي گاڏين کي به نقصان پهتو.
صحت واري صوبائي وزير بخت ڪاڪڙ ۽ سيڪريٽري صحت مجيب الرحمان سول اسپتال ڪوئيٽا، بي ايم سي اسپتال ڪوئيٽا ۽ ٽراما سينٽر ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي.
سمورين ڪنسلٽنٽس، ڊاڪٽرز، فارماسٽس، اسٽاف نرسز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي اسپتالن ۾ گهرائي ورتو.
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي مستونگ ڌماڪي جي مذمت ڪندي صوبائي گهرو وزير کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته دهشتگردن غريب پورهيتن بعد هاڻي معصوم ٻارن کي نشانو بڻايو، انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو مذمت جوڳو آهي.
هن چيو ته دهشتگردن سافٽ ٽارگيٽ ۾ هاڻي معصوم ٻارڙن کي نشانو بڻايو، هو معصوم ٻارن ۽ بيگناهه ماڻهن جي رت جو حساب وٺندا.
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته شهري آبادي ۾ مقامي ماڻهن کي به دهشتگردن تي نظر رکڻي پوندي، گڏ ٿيڻ سان ئي دهشتگردي جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو.- Advertisement -
