تازه ترين

ڪي پي حڪومت عوامي مسئلن تي ڌيان نه ڏئي رهي آهي : طلال چوڌري

- Advertisement -
ن ليگ سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته ڪي پي حڪومت عوامي مسئلن تي ڌيان نه ڏئي رهي آهي، ڇاتي تي گولي کائڻ جي ڳالهه ڪندڙ سڀ کان پهريون پٺي ڏئي ڀڄي ويو،  ڪانسٽيبل کي شهيد ڪندڙ جوابدارن جي خيبرپختونخوا ۾ هار پارائي آجيان ڪئي وئي. فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز صوبي ۾ انقلابي قدم کڻي رهي آهي، مريم نواز ٽريڪٽرز اسڪيم، اپنا گهر اسڪيم ۽ عورتن لاءِ منصوبا شروع ڪيا. سندس چوڻ هو ته خيبرپختونخوا جا ماڻهو بدامني ۽ مسئلن جو شڪار آهن، ڪي پي حڪومت عوامي مسئلن تي ڌيان نه ڏئي رهي آهي. ن ليگ سينيٽر طلال چوڌري چيو ته خيبرپختونخوا جي سرڪاري وسيلن کي وفاق تي حملي لاءِ استعمال ڪيو ويو، ڪي پي جا سرڪاري ملازم ۽ گاڏيون احتجاج لاءِ اسلام آباد آنديون ويون. هن چيو ته خيبرپختونخوا حڪومت اسلام آباد تي حملي ڪندڙ سرڪاري ملازمن کي هيرو بڻائي پيش ڪري رهي آهي. ن ليگ سينيٽر طلال چوڌري چيو ته خيبرپختونخوا حڪومت وفاق تي حملي ڪندڙ سرڪاري ملازمن کي ترقيون ڏئي رهي آهي، ڇاتي تي گولي کائڻ جي ڳالهه ڪندڙ سڀ کان پهريون پٺي ڏئي ڀڄي ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
11 %
3kmh
0 %
سُومر
26 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون