تازه ترين

آمريڪا جو نئون صدر ٽرمپ يا ڪميلا هيرس، فيصلي ۾ باقي 2 ڏينهن

- Advertisement -
آمريڪا جو نئون صدر ڊونلڊ ٽرمپ يا ڪملا هيرس، فيصلي ۾ باقي 2 ڏينهن رهجي ويا ۽ آمريڪي صدارتي چونڊن لاءِ مهم آخري مرحلن ۾ داخل ٿي وئي آهي، جڏهن ته اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڊيموريٽس جي صدارتي اميدوار ڪملا هيرس جا هڪٻئي تنقيدي وار جاري آهن. اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اتر ڪيرولائنا ۾ ريلي ۾ شرڪت ڪئي جتي شرڪت ڪندڙن پاران پرجوش نعرن سان ٽرمپ کي ڀليڪار چيو ويو. ريلي کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪاميابيءَ جي دعويٰ ڪندي چيو ته بائيڊن ۽ ڪملا هيرس جون معاشي پاليسيون ناڪام رهيون، هو اقتدار ۾ اچي مهانگائي جو خاتمو ۽ آمريڪا کي عظيم ملڪ بڻائيندو، ڏوهارين جي ملڪ ۾ داخلا بند ڪئي ويندي. ڊيموريٽس جي صدارتي اميدوار ڪملا هيرس اٽلانٽا ۾ “هڪ صدر ۽ ووٽ رڳو آزادي لاءِ جو نعرو لڳايو” ۽ چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جي سياسي ڪهاڻي ختم ٿي وئي، عوام ٽرمپ کي رد ڪري ڇڏي، هوءَ آمريڪي عوام جي حقن لاءِ وڙهندي، آمريڪا کي ڊاڪٽرن ۽ انجنيئرن جي ضرورت آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.2 ° C
33.2 °
33.2 °
4 %
7.4kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
37 °
جمعو
35 °

تازه ترين خبرون