- Advertisement -
سامونڊي فوج، سامونڊي جنگي جهاز سان مقامي طور تي تيار ڪيل بيلسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته 350 ڪلوميٽر رينج وارو ميزائل سسٽم زميني ۽ سامونڊي حدفن کي انتهائي درستگيءَ سان نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
اهو نظام جديد ترين نيويگيشن سسٽم سان پنهنجو رخ ۽ رفتار تبديل ڪرڻ واري خاصيتن سان ليس آهي.
آءِ ايس پي آر موجب چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف، سامونڊي فوج جي سينيئر آفيسرن، سائنسدانن ۽ انجنيئرن تجربي جو مشاهدو ڪيو.
صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهبازشريف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي توڙي سروسز چيفس ڪامياب ميزائل تجربني ۾ حصو وٺندڙ يونٽس ۽ سائنسدانن کي واڌايون ڏنيون- Advertisement -
