- Advertisement -
گهرو، قانون ۽ پارلياماني معاملن واري صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته سنڌ حڪومت منشيات ايڪٽ نه رڳو اتفاق راءِ سان پاس ڪيو، پر پوليس منشيات خلاف ڪم ڪري رهي آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ ضياءَ الحسن لنجار چيو ته لياري ۾ منشيات مافيا خلاف شڪايتن تي پوليس ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ملي ڪري قدم کڻي رهي آهي.
هن چيو ته هلندڙ سال نارڪوٽڪس جا 160 ڪيس داخل ڪيا ويا، 190 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ وڏي مقدار ۾ منشيات، گٽڪا، ماوا ۽ تمباڪو هٿ ڪئي وئي.
سندس چوڻ هو ته سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي سربراهي ۾ نارڪوٽڪس کاتي لياري ۾ خاص طور تي سرگرم عمل آهي، چاهيون ٿا ته صوبي کي منشيات جهڙي لعنت کان پاڪ ڪيو وڃي.
ضياءُ الحسن لنجار وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي جيل روڊ، پي آءِ بي، حب ريور روڊ سميت مختلف علائقن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ترقياتي ڪم ڪرايا پيا وڃن ۽ ٽريفڪ جو نظام به بهتر ڪيو پيو وڃي.
صوبائي وزير چيو ته سنڌ ۾ آئيني بينچز جوڙڻ بابت قرارداد سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪئي، جنهن تي ايوان ۾ موجود ميمبرن بيهي ڪري راءِ شماري ۾ حصو ورتو ۽ قرارداد کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو.- Advertisement -
