تازه ترين

اقتدار ۾ اچي ملڪ مان مهانگائي جو خاتمو آڻڻ سان گڏ ڏوهارين جي امريڪا ۾ داخلا بند ڪندا : ڊونلڊ ٽرمپ

- Advertisement -
امريڪي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته صدارتي اليڪشن هو ئي کٽيندا، اقتدار ۾ اچي ملڪ مان مهانگائي جو خاتمو آڻڻ سان گڏ ڏوهارين جي امريڪا ۾ داخلا بندا ڪندا. پنهنجي بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته سمورن سوئنگ اسٽيٽس تي کين ئي ڪاميابي ملندي، هو هار نه مڃيندا، عوام وائٽ هائوس پهچڻ لاءِ کين ووٽ ڏئي. هن چيو ته اقتدار ۾ اچي مهانگائي ختم ڪندا ۽ معيشيت کي وڌيڪ بهتر بڻائيندا. ڊونلڊ ٽرمپ جو وڌيڪ چوڻ هو ته اقتدار ۾ اچي ڏوهاري قسم جي ماڻهن جي ملڪ ۾ داخلا بند ڪري ڇڏيندو، جڏهن ته  ميڪسيڪو کان ايندڙ ڏوهارين جي به رستا روڪ ڪندا، سندن دور ۾ امريڪي سرحدون وڌيڪ محفوظ هيون. ٻئي پاسي ڪملا هيرس جو چوڻ آهي ته ٽرمپ جو وقت کان اڳ کٽڻ جي دعوى حقيقين تان ڌيان هٽائڻ آهي، گذريل اليڪشن ۾ شفاف هو جنهن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ کي شڪست ملي، اميد آهي ته 2024 جي اليڪشن به صاف شفاف هوندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
6 %
6.5kmh
0 %
سُومر
29 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون