- Advertisement -
ڊکڻ ويجهو ڳوٺ امير بخش جيهو ۾ لياقت جيهو ۽ ڪراڙو جيهو ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو.
جهيڙي دوران لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا ڪراڙو ۽ مجاهد جيهو زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي ڊکڻ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جهيڙي تي ضابطو آڻي زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏي.
پوليس جو چوڻ آهي ته لياقت جيهو ۽ ڪراڙو جيهو ۾ احسان جيهو جي قتل کان سالن کان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي جنهن تان ٻيهر ڇڪتاڻ ٿي.- Advertisement -
