تازه ترين

جڊيشل ڪميشن، جسٽس امين الدين خان کي آئيني بئنچن جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
جڊيشل ڪميشن، جسٽس امين الدين خان کي آئيني بئنچن جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو، سندس سربراهيءَ ۾ ٻن مهينن لاءِ ست رڪني آئيني بئنچ قائم ڪئي وئي آهي. جڊيشل ڪميشن جو پهريون اجلاس چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس امين الدين خان، قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ ۽ اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ، پاڪستان بار ڪائونسل جي نمائندي ايڊووڪيٽ اختر حسين، فاروق ايڇ نائڪ، شيخ آفتاب، عمر ايوب ۽ روشن خورشيد بروچا شرڪت ڪئي اجلاس دوران سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بئنچ جوڙڻ تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته جڊيشل ڪميشن لاءِ سيڪريٽريٽ بڻائڻ وارو معاملو به غور هيٺ آيو. جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ ستن ميمبرن جي اڪثريت سان جسٽس امين الدين خان کي آئيني بئنچن جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. ست رڪني آئيني بئنچ ٻن مهينن لاءِ جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس نعيم اختر افغان، جسٽس اطهر من الله،  جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس مسرت حلال شامل آهن، جسٽس جمال مندوخيل به آئيني بئنچ جو حصو هوندو. پنجاب مان جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس عائشه ملڪ آئيني بئنچ جو حصو هوندا، سنڌ مان جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس نعيم اختر افغان بلوچستان، جڏهن ته جسٽس مسرت حلالي خيبرپختونخوا مان بئنچ جو حصو بڻجي. ذريعن موجب چيف جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر  ۽ مخالف ڌر مان عمر ايوب ۽ شبلي فراز مخالفت، جڏهن ته قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ، پاڪستان بار ڪائونسل جي نمائندي اختر شاهه، خورشيد بروچه، فاروق ايڇ نائڪ ۽  شيخ آفتاب جسٽس امين الدين خان جي حمايت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
11 %
3kmh
0 %
سُومر
26 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون