تازه ترين

وفاقي ڪابينا، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ اٿارٽي بورڊ ۾ پرائيويٽ ميمبرن جي مقرريءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
وفاقي ڪابينا، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ اٿارٽي بورڊ ۾ پرائيويٽ ميمبرن جي مقرريءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ طئه ٿيل ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. اجلاس جي جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته ڪابينا، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ اٿارٽي بورڊ ۾ پرائيويٽ ميمبرن جي مقرريءَ جي منظوري ڏني. جن ميمبرن جي پرائيويٽ ميمبر طور مقرريءَ جي منظوري ڏني وئي، انهن ۾ سعيد اقبال، معظم، مديحه خالد، عثمان حيدر ۽ محمد سجاد فاروق شامل آهن. پڌرنامي موجب اجلاس ۾ فارن ڪمرشل فنانسنگ فيسيلٽي جي لنڊر انٽر بئنڪ آفرڊ ريٽ سان سيڪيورڊ اوور نائٽ فنانسنگ ريٽ تي منتقلي معاهدي جي منظوري ڏني وئي. وفاقي ڪابينا جي پڌرنامي موجب ڄمون ڪشمير اسٽيٽ پراپرٽي بجيٽ، سامونڊي جهازن جي درجابندي جي سرٽيفڪيشن لاءِ معاهدي جي به منظور ڏني. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته معاهدو ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف پورٽس اينڊ شپنگز ڪراچي ۽ بحريا ڪلاسيفيڪشن سوسائٽي وچ ۾ ٿيو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
11 %
3kmh
0 %
سُومر
26 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون