تازه ترين

ڊيموڪريٽڪ صدارتي اميدوار ڪملا هيرس اليڪشن ۾ شڪست کانپوءِ خطاب ۾ اليڪشن مهم ۾ ساٿ ڏيندڙن جا ٿورا مڃيا

- Advertisement -
ڊيموڪريٽڪ صدارتي اميدوار ڪملا هيرس اليڪشن ۾ شڪست کانپوءِ خطاب ۾ اليڪشن مهم ۾ ساٿ ڏيندڙن جا ٿورا مڃيا. آمريڪي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ کان هارائيندڙ ڪملا هيرس شڪست قبول ڪندي چيو ته هوءَ شڪست کي قبول ڪري ٿي، اقتدار جي پرامن منتقلي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن. شڪست کانپوءِ پنهنجي تقرير ۾ ڪملا هيرس چيو ته چونڊ نتيجن کي قبول ڪرڻ گھرجي، جمهوريت جو اصول اهو ئي آهي ته هارايو ته شڪست قبول ڪيو، جمهوريت ۽ آمريت ۾ اهو ئي فرق آهي. هن چونڊ مهم ۾ ساٿ ڏيڻ وارن جا ٿورا مڃيندي چيو ته اليڪشن مهم ۾ عوام کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪملا هيرس وڌيڪ چيو ته تارا رڳو اونداهي ۾ نظر اچن ٿا، سندن جنگ آمريڪا جي بهتر مستقبل جي جنگ آهي. ٻئي پاسي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدارتي اميدوار ڪملا هيرس ريپبلڪن صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ کي فون ڪئي ۽  کيس صدارتي اليڪشن کٽڻ تي مبارڪ ڏني………….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
11 %
4.3kmh
0 %
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون