- Advertisement -
امريڪي صدر جوبائيڊن ري پبلڪن پارٽي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ کي فون ڪري صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني.
آمريڪي ميڊيا موجب صدر جو بائيڊن ڊونلڊ ٽرمپ کي ملاقات لاءِ وائٽ هائوس اچڻ جي دعوت ڏني، صدر اڄ آمريڪي قوم کي خطاب ڪندو.
وائٽ هائوس مان هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته جو بائيڊن اقتدار جي پرامن منتقلي کي يقيني بڻائڻ جو واعدو ڪيو.
ڳالهين دوران صدر جو بائيڊن آمريڪا کي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو.
آمريڪي ميڊيا موجب صدر جو بائيڊن نائب صدر ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اميدوار ڪملا هيرس کي به فون ڪيو.- Advertisement -
