تازه ترين

حيدرآباد: حسن نظاماڻي قتل جو وڌيڪ هڪ جوابدار مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ

- Advertisement -
حيدرآباد پوليس مقابلي دوران واپاري حسن ناصر نظاماڻي جي اغوا ۾ ملوث وڌيڪ هڪ ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. حيدرآباد پوليس ترجمان موجب، ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي حد فتح باغ ويجهو ڏوهارين سان مقابلو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ ڄڻو مارجي ويو جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويو. ترجمان موجب، مارجي ويل ڏوهاري جي شير محمد عرف شيرو ملاح طور سڃاڻپ ٿي. ترجمان موجب، مارجي ويل جوابدار واپاري جي اغوا واري معاملي ۾ سهولتڪار هو، سندس مٿان مختلف ٿاڻن تي 9 کان وڌيڪ ڪيس داخل هئا. پوليس ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته فرار جوابدار جي گرفتاري لاءِ ناڪابندي ڪئي وئي آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.2 ° C
31.2 °
31.2 °
7 %
6.9kmh
0 %
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون