- Advertisement -
مديجي ڀرسان ٽرڪ ۽ ايمبولنس ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.
ٽي شاخي بس اسٽاپ ڀرسان ايمبولينس ۽ ٽرڪ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو.
حادثي جي نيتجي ۾ ايمبولينس ڊرائيور محمد پريل موقعي تي دم ڏنو، پوليس پهچي فوتي جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي ايمبولينس ڊرائيور محمد پريل لاڙڪاڻي جي شهباز ڪالوني جو رهواسي هو سندس وارثن کي اطلاع ڏنو ويو آهي.
ٻئي پاسي مديجي پوليس ٽرڪ ڊرائيور عبدالله پٺاڻ کي گرفتار ڪري گاڏي کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.- Advertisement -
