- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير سان آسٽريلوي آرمي چيف ليفيٽننٽ جنرل سائمن اسٽيورٽ ملاقات ڪئي آهي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾چيو ويو ته جنرل عاصم مينر سان آسٽريلوي آرمي چيف ملاقات ڪئي، جنهن دوران عالمي ۽ علائقائي سڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته آرمي چيف آسٽريليا سان پاڪستان جي لاڳاپن جي واکاڻ ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب جنرل عاصم منير امن ۽ استحڪام جي گڏيل مقصدن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪ آسٽريليا لاڳاپن جي اهميت اجاگر ڪئي.
ملاقات دوران دفاع ۽ سڪيورٽي ۾ سهڪار وڌائڻ جو عزم ورجايو ويو.- Advertisement -
