- Advertisement -
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان لين جيان چيو آهي ته پاڪ چين لاڳاپن کي نقصان پهچائڻ واريون سموريون ڪوششون ناڪام بڻايون وينديون.
جاري ڪيل بيان ۾ چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته چين دهشتگريد جي خاتمي واريون ڪارروايون اڳتي وڌائڻ ۾ پاڪستان جي حمايت جاري رکندو.
هن چيو ته ٻئي ملڪ پاڪ چين لاڳاپن کي نقصان پهچائڻ وارين سمورين سازشن کي ناڪام بڻائڻ ۽ دهشتگردن کي انجام تائين پهچائڻ جو عزم ۽ صلاحيت رکن ٿا.
لين جيان چيو ته چين ۽ پاڪستان اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهن، ٻه طرفو اعتماد ۽ سهڪار ڪمزور ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته چين پاڪستان جي معاشي ۽ سماجي ترقي توڙي ماڻهن جي حالت بهتر بڻائڻ لاءِ حمايت جاري رکندو.- Advertisement -
