اسرائيلي فوج جا غزه جي بي گهر فلسطينين تي حملا جاري، وڌيڪ 27 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي

- Advertisement -
اسرائيلي فورسز جا غزه جي بي گهر فلسطينين تي حملا جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران حملن ۾ وڌيڪ 27 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. عرب ميڊيا موجب،دير البلاح ۾ مسجد تي هوائي حملي ۾ 6 ۽ خان يونس جي علائقي المواسي ۾ بمباري سبب 11 ڄڻا شهيد ٿي ويا. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته نصيرات ڪيمپ ڀرسان گهر تي اسرائيلي راڪيٽ حملي سبب 2 ڄڻن شهادت جو جام پيتو جڏهن ته اتر غزه ۾ هوائي حملي ۾ 8 ڄڻا شهيد ٿي ويا. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته شهيدن جو مجموعي انگ 43 هزار679 ٿي ويو جڏهن ته هڪ لک 3 هزار 205 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي غزه صورتحال بابت 8 عالمي امدادي تنظيمن گڏيل بيان جاري ڪندي چيو آهي ته اسرائيل غزه ۾ انساني صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۾ ناڪام رهيو. گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي قدمن سبب اتر غزه جي صورتحال ڊرامائي طور تي خراب ٿي. عالمي امدادي تنظيمن جو چوڻ آهي ته گذريل مهيني امريڪي پرڏيهي وزير ۽ بچاءَ واري وزير اسرائيل کي غزه ۾ انساني صورتحال بهتر بڻائن جو چيو هو، ۽ اسرائيل کي هڪ مهيني جي ڊيڊلائين ڏني وئي هئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
25.9 ° C
25.9 °
25.9 °
30%
2m/s
85%
اڱارو
26 °
اربع
33 °
خميس
34 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
34 °

تازه ترين خبرون