تازه ترين

پنجاب جي مختلف شهرن ۾ سموگ ۽ سخت ڪوهيڙي جي صورتحال برقرار

- Advertisement -
پنجاب جي مختلف شهرن ۾ سموگ ۽ سخت ڪوهيڙي جي صورتحال برقرار آهي، جڏهن ته دنيا جي گدلن ترين شهرن ۾ لاهور پهرين، دهلي ٻئي ۽ ڍاڪا ٽئين نمبر تي آهي، پنجاب جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ اڄ هلڪي برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. پنجاب جي مختلف شهرن ۾ سموگ ۽ سخت ڪوهيڙي جي صورتحال برقرار آهي. ماحوليات جي عالمي ويب سائيٽ موجب، فضائي آلودگي جي لحاظ سان لاهور پهرين، دهلي ٻئي ۽ ڍاڪا ٽئين نمبر تي آهي. گدلن ترين شهرين ۾ لاهور جي ائير ڪوالٽي انڊيڪس هڪ هزار 591 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته دهلي جي هوا ۾ گدلاڻ 493 ۽ ڍاڪا جي هوا ۾ 190 پرٽيڪيوليٽ ميٽررز رڪارڊ ڪئي وئي. تعليمي ادارن جي بندش ۽ خانگي ادارن ۾ 50 سيڪڙو آن لائن ڪم به لاهور کي سموگ جي ڄار مان نه ڪڍي سگهيو. موسميات کاتي، پنجاب ۾ سموگ سبب پريشان شهرين کي خوشخبري ٻڌائيندي چيو آهي ته پنجاب جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي. پنجاب ۾ مختلف شهرن ۾ سموگ ۽ سخت ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽ ٿيڻ سبب ڪيترن ئي هنڌن تان موٽرويز کي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24 ° C
24 °
24 °
13 %
0.6kmh
4 %
اڱارو
25 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون