تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪستان جتي امن ۽ خوشحالي جو خواهشمند آهي اتي دفاعي صلاحيت ۾ ڪنهن کان پٺتي ناهي : ناصر حسين شاهه

- Advertisement -
صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته آئيڊياز 2024 ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان جتي امن ۽ خوشحالي جو خواهشمند آهي اتي دفاعي صلاحيت ۾ ڪنهن کان پٺتي ناهي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ گڏيل منصوبن جا ڪيترائي موقعا آهن، ملڪي معيشيت بهتري طرف هلي رهي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ ناصر حسين شاهه چيو ته ايڪسپو سينٽر ۾ چئن ڏينهن واري عالمي دفاعي نمائش آئيڊياز 2024 جي ڪامياب ڪرائڻ تي ڀيٽا پيش ڪن ٿا، آئيڊياز 2024 جو ڪراچي ۾ ٿيڻ سندن لاءِ فخر آهي. سندس چوڻ هو ته دفاعي نمائش آئيڊياز 2024 ۾ دفاعي، جنگي ۽ فوجي سامان جي خريداري ۽ وڪري جي اربين رپين جي 82 معاهدن تي صحيحون ٿيون. صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته آئيڊياز 2024 پاڪستان جي دفاعي مارڪيٽ جي ترقي لاءِ عالمي سهڪار، نون واپاري موقعن ۽ مقامي صنعت جي ترقي لاءِ رستو ٺاهيو آهي. هن چيو ته دفاعي نمائش آئيڊياز 2024 بهترين فورم سان گڏ پاڪستان جي دفاعي ٽيڪنيڪل صلاحيت ۾ اڳڀرائي کي اجاگر ڪري ٿي. صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ دهشتگردي خلاف بي مثال قربانين سان گڏ پنهنجو نرالو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ترقي طرف وڌي رهيو آهي ته هڪ صوبائي حڪومت سرڪاري مشينري سان گڏ اسلام آباد تي چڙهائي جي ڪوشش ۾ آهي، ٻئي پاسي ان کي تحريڪ انتشار جي هڪ غير سياسي عورت پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا خراب ڪرائڻ چاهي ٿي. صوبائي وزير چيو ته دهشتگرد پارا چنار ۾ معصوم بيگناهه مسافرن کي قتل ڪري رهيا هئا ۽ ڪي پي جي صوبائي حڪومت اسلام آباد تي حملي ڪرڻ جي تياري ڪري رهي هئي. ناصر شاهه چيو ته تحريڪ انصاف جي سموري قيادت پنهنجي ڏڦيڙ پسند باني جي “هو نه ته ڪجهه به نه” واري فلسفي تي هلي رهي آهي. صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته تحريڪ انتشار جو ٽولو ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ بي يقيني واري صورتحال ڪرائڻ جي هميشه ناڪام ڪوشش ڪندو رهيو آهي، ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جو ڏڦيڙ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ نه ئي ڌرڻي توڙي حملي جي اجازت ڏني ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
29.3 ° C
29.3 °
29.3 °
12 %
2.6kmh
97 %
جمعو
29 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون