تازه ترين

ڪنهن کي امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا، پي ٽي آءِ وارا رڳو اين آر او ئي چاهين ٿا:عطا تارڙ

- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته ڪنهن کي امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا، پي ٽي آءِ وارا رڳو اين آر او ئي چاهين ٿا. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته روڊ بند ٿيڻ جي ذميوار رڳو پي ٽي آءِ ئي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن گرفتاري لاءِ انتظاميه سان پاڻ رابطو ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته احتجاج دوران اسلام آباد جا ڪافي رستا کليل ۽ ڪجهه بند آهن، انهن جو هڪ ئي مطالبو آهي ته اين آر او ڏيو. عطا تارڙ چيو ته  ملڪ ۾ مهانگائي گهٽٽ ٿي رهي آهي، پي ٽي آءِ جي احتجاج جو مقصد ليڊر کي آزاد ڪرائڻ آهي، پي ٽي آءِ باني جي آزادي لاءِ عدالتن سان رابطو ڪيو وڃي، احتجاج دوران ڏڦيڙ پکڙيندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪاهه ڪرڻ وارن کي ڪرم ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.6 ° C
24.6 °
24.6 °
10 %
4kmh
0 %
سُومر
24 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون