تازه ترين

اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ شهر جي ايندڙ ويندڙ رستن تي پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري مقرر

- Advertisement -
اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ شهر جي ايندڙ ويندڙ رستن تي پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. شهر جي ريڊ زون ۾ وفاقي پوليس جي مدد لاءِ ايف سي، رينجرز، صوبائي پوليس جي نفري مقرر ڪئي وئي آهي، شهر جي اهم شاهراهن تي رڪاوٽون رکيون پڻ ويون آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ايئرپورٽ ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا کليل آهن، جڏهن ته 25 نمبر چونگي، ترنول، سنگجاني ۽ ڊي چوڪ تي رينجرز ۽ ايف سي جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. پوليس جو چوڻ هو ته شهر جي مختلف هنڌن تي سنڌ، پنجاب ۽ آزاد ڪشمير جي پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي. انتظاميا موجب راولپنڊي کان اسلام آباد ۾ داخل ٿيندڙ 135 بلاڪنگ پوائنٽس تي پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، پوليس جو چوڻ هو ته راولپنڊي اسلام آباد کي ڳنڍيندڙ 70 هنڌن جي سي سي ٽي وي ڪيمرائن سان نگراني ڪئي پئي وڃي، سيڪيورٽي پلان جو مقصد عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.2 ° C
26.2 °
26.2 °
10 %
4.6kmh
0 %
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون