تازه ترين

آمريڪا پاران پاڪستان سميت دنيا ۾ اظهار جي آزادي ۽ پرامن اجتماع جي حمايت

- Advertisement -
امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر چيو آهي ته پاڪستان جي قانونن ۽ آئين جي احترام کي يقيني بڻائڻ سڀ کان اهم آهي، امريڪا پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ اظهار جي آزادي ۽ پرامن اجتماع جي حمايت ڪري ٿو. امريڪي پرڏيهي کاتي واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران مظاهرين کان مطالبو ڪيو ته هو پرامن احتجاج ڪن، تشدد کان پاسو ڪيو وڃي. ميٿو ملر چيو ته پاڪستاني اختيارين کان انساني حقن ۽ بنيادي آزادين جي احترام جو  مطالبو ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي قانون ۽ آئين جو احترام يقيني بڻائڻ ضروري آهي،پاڪستاني قانون امن امان قائم رکڻ لاءِ ڪم ڪن ٿا. ميٿيو ملر وڌيڪ چيو ته لبنان ۽ اسرائيل جنگ بندي جي معاهدي جي ويجهو آهن، گذريل هفتي جنگبندي جي معاهدي تي وڏي اڳڀرائي ٿي، پر اڃا تائين معاهدي کي حتمي شڪل ناهي ڏني وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
46 %
2.8kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
34 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون