تازه ترين

ڪراچي: پاڪستان رينجرز سنڌ ۽ ڪسٽم اختيارين جون مختلف هنڌن تي گڏيل ڪارروايون

- Advertisement -
ڪسٽم عملدارن ۽ رينجرز پاران سمگلنگ روڪڻ لاءِ آپريشن جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي گڏيل ڪارروايون ڪندي 9 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪارروايون حب چوڪي، اتحاد ٽائون، منگهوپير، اورنگي ٽائون ۽ پيرآباد ۾ ڪيون ويون. رينجرز ترجمان موجب، گرفتار جوابدارن وٽان نان ڪسٽم پيڊ شيون هٿ ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ ڪپڙا، سگريٽ، ايراني ڊيزل، اليڪٽرڪ شيون، انجڻ آئل، واشنگ پائوڊر، سوپاريون، ليپ ٽاپ ۽ ٻيو سامان شامل آهي. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار هٿ آيل شيون بسن ۽ ٽرڪن ۾ ڪراچي سمگل ڪري رهيا هئا. رينجرز ترجمان موجب، گرفتار جوابدارن کي هٿ آيل سامان سميت وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ ڪسٽم حوالي ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
17 %
6.3kmh
0 %
ڇنڇر
31 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °

تازه ترين خبرون