- Advertisement -
سعودي عرب ۾ به ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهايو پيو وڃي، دمام شهر ۾ ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سنڌي فنڪارن قومي گيت ڳائي شرڪت ڪندڙن کي جهومائي ڇڏيو.
پاڪستان ايڪسيلنس ڪلب جي چيئرمين عبدالحميد ڀٽو ۽ سنڌ فنڪار ايسوسيئيشن انڊس ڪلچر اينڊ سوشل فورم رياض جي اڳواڻ ذيشان قاضي، قربان لاشاري، بدر جويو، ذوالفقار ابڙو ۽ زاهد ميان ڀٽو جي اڳواڻي ۾ تقريب ڪوٺائي وئي.
تقريب ۾ سنڌ جي مشهور فنڪارن قومي نجف علي، انينا فدا ۽ نعيم سنڌي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري قومي گيت ڳائي شرڪت ڪندڙن کي جهومائي ڇڏيو.
تقريب کي خطاب ڪندي ذيشان قاضي ۽ زاهد ميان ڀٽو چيو ته هر سال جيان هن سال به سعودي عرب ۾ رهندڙ سنڌي قومي عيد جذبي سان ملهائي رهيا آهن ۽ پنهنجي ثقافت کي دنيا جي قومن کي ڏيکارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.- Advertisement -
