تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

سنڌو ماٿريءَ جي قديم تهذيب جي عظيم ثقافت جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

- Advertisement -
سنڌو ماٿريءَ جي قديم تهذيب جي عظيم ثقافت جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي سڏ تي مذهبي ڀائيچارو اسان جي ثقافت، سنڌو درياهه اسان جي معيشيت جي سري هيٺ ثقافتي عيد جي آجيان لاءِ لاڙڪاڻي، شهدادڪوٽ ۽ ڀرياروڊ سميت مختلف شهرن ۾ مشعل بردار ريليون، ميرپورخاص پريس ڪلب تي ميڻ بتيون ٻاري ثقافت کي ڀيٽا پيش، ڪوٽڙيءَ ۾ ڏيئا ٻاري تقريبن جي شروعات، ثقافتي ڏهاڙي جي مک تقريب ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ٿيندي، ناليوارا گلوڪار سرن جي ورکا ڪندا، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، نوابشاهه ۽ ميرپورخاص سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ به ثقافتي تقريبون ٿينديون. بدين ۾ نيشنل اسڪول ۽ ڪاليج جي عمارت تي 60 فوٽ سنڌ جي نقشي وارو جهنڊو ڦڙڪائي ثقافتي ڏهاڙي جي شروعات، سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي سڏ تي شاگردن سنڌ جي نقشي وارو جهنڊو ڦرڪائي مٺائي ورهائي، جهنڊو ڦڙڪائڻ بعد سنڌ جي ترقي ۽ امن لاءِ دعائون گهريون ويون. سنڌ، ثقافتي ڏهاڙي تي ثقافتي رنگن ۾ رڱجي وئي، گڊو ۾ ثقافتي تقريبن جي شروعات، نوجوانن پاران قومي گيتن تي رقص، ڪشمور، مٺي، جهنڊو مري، ميروخان، وارهه، پريالي ۽ ٻين شهرن ۾ تقريبون ۽ ريليون. پرڏيهي سفارتڪار به سنڌي  ثقافت جي خوبصورت مالها ۾ پوئجي ويا، ملير جي علائقي قائد آباد جي اسڪول ۾ ثقافتي تقريب ۾ ترڪيه جي قونصل جنرل ڊاڪٽر ڪمال سانگو جي شرڪت، سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي ثقافت کي ڀيٽا، فنڪار زاهد شيخ ۽ ٻين طرفان سرن جي ورکا، ڪراچي ۾ قائم آمريڪي قونصل خاني جي ڪائونسل جنرل اسڪاٽ اربم ۽ ٻئي عملي پاران سنڌ واسين کي ثقافتي ڏهاڙي جون واڌايون پيش، سندن چوڻ آهي ته سنڌ جي شاهوڪار ثقافت توڙي روايتن کي مانُ ڏيڻ جي گهڙي اچي وئي آهي، سنڌ اُها ڌرتي آهي، جنهن جي صوفين، شاعرن ۽ سنتن هر قوم توڙي نسل کي اُتساهه ڏنو آهي. ثقافتي ڏهاڙي جي خوشيءَ ۾ گلن جهڙا ٻارڙا به ثقافتي رنگن ۾ رڱيل، ثقافتي اجرڪ ۽ ٽوپيون پهري سنڌ جي ثقافت کي ڀيٽا پيش. ۽ سعودي عرب جي شهر دمام ۾ ثقافتي تقريب، سنڌ کان آيل فنڪارن پاران سرن جي ورکا، شرڪت ڪندڙن جون جهمريون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
2 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
14 %
1.5kmh
2 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون