تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

جمهوريت جي تسلسل ۾ ئي ملڪي ترقي جي ضمانت آهي: اعظم نذير تارڙ

- Advertisement -
قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته جمهوريت جي تسلسل ۾ ئي ملڪي ترقي جي ضمانت آهي، آئين ۾ ترميمون ٿينديون رهنديون آهن، مارشل لائي دور ۾ آئين ۾ ٿيل ترميمون ختم ٿيڻ گهرجن، ارڙهين ترميم ۾ وفاق کليل دل سان اختيار وفاق کي منتقل ڪيا آهن، ميثاق جمهوريت ملڪي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ ٻن ڏينهن واري ارڙهين اسپيڪر ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته 1973ع جو آئين اتفاق راءِ سان منظور ٿيو، آئين ۾ ترميم ٿيندي رهندي، 17هين ترميم اهميت جوڳي هئي پر ارڙهين ترميم ۾ اختيار صوبن کي منتقل ڪيا ويا. سندس چوڻ هو ته ارڙهين ترميم بعد صوبن کي اختيارن جي منتقلي ۾ وفاق وڏي دل جو مظاهرو ڪيو، ارڙهين ترميم وقت اهو احتياط ڪيو ويو، خاص طور تي فوجداري قانون ۾ فيڊريشن کي رکيو ويو ته جيئن سڄي ملڪ ۾ هڪ جهڙو قانون هجي. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته آرٽيڪل 144 ۾ اهو اختيار ڏنو ويو ته صوبو هڪ ٺهراءَ ذريعي وفاق کي اجازت ڏئي سگهي ٿو ته هو ڪنهن عنوان تي قانون سازي ڪري پر اهو صوبي جو اختيار هوندو ته هو بعد ۾ هن قانون ۾ ترميم ڪري يا ختم ڪري. هن چيو ته مارشل لائي دور ۾ ملڪ جو تمام گهڻو نقصان ٿيو، آئين سڀ کان مقدس ۽ معتبر آهي. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته جمهوري نظام جو مقصد کين جن ماڻهن اسيمبلين ۾ اماڻيو يا جن جي هو نمائندگي ڪندا آهن، انهن کي فائدو ٿئي، پارلياماني نظام ۾ عوام جي حقن جو تحفظ سندن ذميواري آهي، حڪومت کي طئي ڪرڻو آهي ته نظام ڪيئن هلائڻو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.6 ° C
18.6 °
18.6 °
41 %
4.7kmh
0 %
سُومر
25 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °
خميس
31 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون