تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

جسٽس منصور علي شاهه جوڊيشل ڪميشن جي سيڪريٽري کي خط لکيو

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ هڪ ٻيو خط لکي ڇڏيو. جسٽس منصور علي شاهه جوڊيشل ڪميشن جي سيڪريٽري کي خط لکيو آهي. خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته رولز ۾ آئيني بئنچ لاءِ ججن جي مقرري جو ميڪنزم هئڻ گهرجي، آئيني بينچ ۾ ڪيترا جج هجن ان جو ميڪنزم جوڙڻ به ضروري آهي. جسٽس منصور علي شاهه خط ۾ لکيو آهي ته آئيني بينچ ۾ ججن جي شموليت جو پيمانو طئي ٿيڻ گهرجي، ڪهڙي جج آئيني تشريح جا ڪيترا فيصلا لکيا اهو هڪ پيمانو ٿي سگهي ٿو. جسٽس منصور علي شاهه ججن جي مقرري بابت ضابطن تي به گڏيل راءِ ڏني، جڏهن ته هن ججن جي مقرري ۾ انٽيليجنس ايجنسي کان رپورٽ وٺڻ جي مخالفت ڪئي آهي. جسٽس منصور علي شاهه خط ۾ لکيو آهي ته انٽيليجنس ايجنسي کي ڪردار ڏنو ويو ته ان جو غلط استعمال ٿي سگهي ٿو، جوڊيشل ڪميشن ۾ اڳ ئي اڪثريت ايگزيڪيوٽو جي آهي، رولز تي سندس راءِ هن ترميم ۽ ڪميشن جي آئيني حيثيت طئي هجڻ سان مشروط آهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته هو 26هين آئيني ترميم بابت پنهنجو موقف واضح ڪري چڪو آهي، پهريان فل ڪورٽ جوڙي 26هين ترميم جو جائزو وٺڻ گهرجي، جج آئين جي حفاظت ۽ ان جو دفاع ڪرڻ جو قسم کڻندو آهي، ججن جي مقرري جو رولز به ان قسم جو ثبوت هجڻ گهرجي……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
14 %
7.2kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون