تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل 9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 جوابدارن کي سزائون ٻڌائي ڇڏيون

- Advertisement -
فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل 9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 جوابدارن کي سزائون ٻڌائي ڇڏيون آهن، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ٻين جوابدارن جي سزائن جو اعلان به قانوني عمل مڪمل ٿيندي ئي ڪيو ويندو، صحيح معنيٰ ۾ انصاف ان وقت ٿيندو، جڏهن 9 مئي جي ماسٽر مائنڊ ۽ رٿابندي ڪندڙن کي آئين ۽ قانون موجب سزا ملي ويندي. آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل 9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 جوابدارن کي سزائون ٻڌائي ڇڏيون آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته جناح هائوس حملي ۾ ملوث جان محمد خان، محمد عمران محبوب، عبدالهادي، علي شان، دائود خان، ضياءُ الرحمان ۽ علي افتخار کي سخت پورهتي سان ڏهه ڏهه سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب، جناح هائوس حملي ۾ ملوث فهيم حيدر ۽ محمد حاشر کي 6، 6 سال، محمد عاشق خان کي 4 سال ۽ محمد بلاول کي سخت پورهئي سان 2 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پنجاب رجمينٽل سينٽر مردان حملي ۾ ملوث عدنان، رحمت الله ۽ شاڪر الله کي ڏهه، ڏهه سال، ياسر نواز ۽ سعيد عالم کي 2، 2 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب، جي ايڇ ڪيو حملي ۾ ملوث راجا محمد احسان ۽ عمر فاروق کي ڏهه، ڏهه سال، پي اي ايف بيس ميانوالي حملي ۾ ملوث انور خان ۽  بابر جمال کي به ڏهه ڏهه سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ڏني وئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته بنون ڪينٽ حملي ۾ ملوث محمد آفاق خان کي 9 سال ۽ چڪدره قلعي تي حملي ۾ ملوث دائود خان کي 7 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب، ملتان ڪينٽ چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ ملوث زاهد خان کي 4 سال ۽ خرم شهزاد کي 3 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ڏني وئي، جڏهن ته آءِ ايس آءِ آفيس فيصل آباد تي حملي ۾ ملوث لئيق احمد کي به 2 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته قانوني عمل مڪمل ٿيڻ سان ئي ٻين جوابدارن جي سزائن جو اعلان ڪيو ويندو، 9 مئي سانحي جي سزان جو فيصلو قوم لاءِ انصاف جي فراهمي ۾ هڪ اهم قدم آهي. آءِ ايس پي آر موجب، سزائون انهن سمورن ماڻهن لاءِ واضح پيغام آهي ته جيڪي ڪجهه مفاد پرستن هٿان استحصال جو شڪار ٿيندا آهن، سياسي پروپيگنڊا ۽ زهريلي ڪوڙ جو شڪار بڻجندڙ ماڻهن لاءِ هي سزائون تنبيهه آهن ته مستقبل ۾ ڪڏهن به قانون کي هٿ ۾ نه کڻو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي جوابدارن خلاف مختلف دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ به ڪيس هلندڙ آهن. آءِ ايس پي آر موجب، صحيح معنيٰ ۾ مڪمل انصاف ان وقت ٿيندو، جڌهن ته 9مئي جي ماسٽر مائنڊ ۽ منصوبابندي ڪندڙن کي آئين ۽ قانون موجب سزا ملي ويندي، رياست پاڪستان 9 مئي جي واقعن ۾ مڪمل انصاف فراهم ڪري رياست جي عملداري کي يقيني بڻائيندي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته 9مئي جي ڪيس ۾ انصاف فراهم ڪري تشدد جي بنياد تي ڪيل گمراهه ۽ تباهه ڪندڙ سياست کي دفن ڪيو ويندو، آئين ۽ قانون موجب سمورن سزا مليل جوابدارن وٽ اپيل ۽ ٻي قانوني ڪارروائي جو حق آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
14 %
7.2kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون