- Advertisement -
اسرائيل جي غزه تي وحشياڻي بمباري جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 20 فلسطيني اسرائيلي فوج جي دهشتگردي جو نشانو بڻجي ويا.
عرب ميڊيا موجب، غزه ۾ المواسي ڪيمپ پناهگير ڪيمپ تي بمباري ۾11 ڄڻا شهيد ٿي ويا جڏهن ته نصيرات پناهگير ڪيمپ ۽ شجاعيه تي ڊرون حملن ۾ 3 ڄڻن شهادت ماڻي.
عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج حماس جي سينيئر اڳواڻ محمد احمد البيڪ کي شهيد ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي پر حماس طرفان تصديق يا ترديد سامهون ناهي اچي سگھي.
ٻئي پاسي ڏکڻ غزه ۾ حماس سان چڪرين دوران 4 فوجي پڻ مارجي ويا جنهن جي اسرائيلي فوجي ترجمان تصديق ڪئي آهي.
هوڏانهن اسرائيلي فوج ڪمال عدوان اسپتال کي خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
فلسطيني ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته اسپتال اندر 400 کان وڌيڪ مريض موجود آهن، يهودي فوج اسپتال ۾ ڌماڪيدار مواد نصب ڪري رهي آهي.
عرب ميڊيا موجب، 7 آڪٽوبر 2023 هن کان وقت تائين غزه جنگ ۾ 45 هزار 317 فلسطيني شهيد ۽ هڪ لک 7 هزار 713 زخمي ٿي چڪا آهن- Advertisement -
