- Advertisement -
امريڪي صدر جوبائيڊن موت جـِي سزا جـَي 37 قيدين جي سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏي آهي.
امريڪي ميڊيا موجب، صدر جوبائيڊن 37 وفاقي قيدين جي موت جي سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏي، صدارتي اعلان کانپوءِ موت جي سزا جي منتظر وفاقي قيدين جو انگ 3 رهجي ويو.
امريڪي ميڊيا موجب، صدر جوبائيڊن موجب اهي تبديليون سندس انتظاميا موجب وفاقي ڦاهي تي لاڳو پابندي سان هڪجهڙائي رکن ٿيون.
صدر بائيڊن جو چوڻ آهي ته دهشتگردي ۽ اجتماعي قتل جي جوابدارن جي موت جي سزا برقرار رهندي.
امريڪي ميڊيا موجب، بوسٽن ميراٿون بم حملي 2023 جي جوابدار جوهر سرنيف جي سزاءِ موت برقرار آهي، ان کان علاوه ڏکڻ ڪيرولينا ۾ ڪاري نسل چرچ حملي جي جوابدار ڊائيلان روف جي موت جي سزا به برقرار رکي وئي آهي.
امريڪي ميڊيا موجب، پٽسبگ ۾ يهودي عبادت گاهه تي حملي جي جوابدار رابرٽ بوورز جي موت جي سزا به برقرار رهندي- Advertisement -
