تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

فوجي عدالت 9 مئي سانحي جي وڌيڪ 60 جوابدارن کي سزا ٻڌائي ڇڏي

- Advertisement -
فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل 9 مئي سانحي ۾ ملوث تحريڪ انصاف باني جي ڀاڻيجي حسان نيازي سميت 60 جوابدارن کي قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته جناح هائوس حملي ۾ ملوث پي ٽي آءِ باني جي ڀاڻيجي حسان خان نيازي کي 10 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جڏهن ته ميان عباد فاروق کي 2 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي. آءِ ايس پي آر موجب، جناح هائوس حملي ۾ ملوث رئيس احمد، ارزم جنيد ۽ علي رضا کي ڇهه ڇهه سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جي ايڇ ڪيو حملي ۾ ملوث راجا دانش کي 4 ۽  سيد حسن شاهه کي 9 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي، جڏهن ته اي آءِ ايم ايڇ راولپنڊي حملي ۾ ملوث علي حسين کي ست سال ۽ پنجاب رجمينٽ سينٽر مردان حملي ۾ ملوث زاهد خان کي 2 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موجب، ملتان ڪينٽ چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ ملوث خرم لياقت کي 4 سال ۽ چڪدرا قلعي حملي ۾ ملوث ذاڪر حسين کي 7 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته بنون ڪينٽ حملي ۾ ملوث امين شاهه کي 9 سال، پي اي ايف بيس ميانوالي حملي ۾ ملوث فهيم ساجد کي 9 سال ۽ فيصل آباد ۾ آءِ ايس آءِ جي آفيس تي حملي ۾ ملوث حمزه شريف کي 8 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب، جناح هائوس حملي ۾ ملوث محمد ارسلان کي 7 سال، محمد عمير کي 6 سال، ۽ نعمان شاهه کي 4 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته بنون ڪينٽ حملي ڪيس ۾ اڪرام الله کي 9 سال ۽ ملتان ڪينٽ چيڪ پوسٽ حملي ۾ ملوث پيرزاده ميان محمد اسحاق کي 3 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب، جي ايڇ ڪيو حملي ۾ ملوث محمد عبدالله کي 4 سال ۽ فيصل آباد ۾ آءِ ايس آءِ آفيس حملي ۾ ملوث امجد علي کي 2 سال سخت پورهئي شان قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جڏهن ته جناح هائوس حملي ۾ ملوث محمد رحيم کي 6 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته هيڊ ڪوارٽر دير اسڪائوٽس تمرگره حملي ۾ ملوث سهراب خان کي 4 سال، جناح هائوس حملي ۾ ملوث رٽائرڊ برگيڊيئر چوڌري جاويد اڪرم کي 6 سال ۽ راهوالي گيٽ گوجرانوالا حملي ۾ ملوث جوابدار محمد احمد کي 6 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي. آءِ ايس پي آر موجب، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ 9 مئي سانحي ۾ ملوث وڌيڪ 60 جوابدارن کي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل سزائون ٻڌايون، فيلڊ ڪورٽ مارشل سمورن ثبوتن جي ڇنڊڇاڻ ۽ ڏوهارين کي قانوني حق جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۽ قانوني گهرجن موجب ڪارروائي ڪندي سزائون ڏنيون……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
41 %
2kmh
6 %
ڇنڇر
22 °
آچر
31 °
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون