تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

سمنڊ پار پاڪستانين سول نافرماني جي ڪال رد ڪئي آهي: مريم اورنگزيب

- Advertisement -
پنجاب جي سينيئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين سول نافرماني جي ڪال رد ڪئي آهي، پرڏيهه ۾ آباد پاڪستاني ڪوڙ، دوکي ۽  فراڊين جي ڏٺي ۾ اچڻ وارا نه آهن. هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته ماريو، باهه ڏيو، گارگند، غنڊا گردي، ڪوڙ، فراڊ ۽ سول نافرماني جون ڪالون عوام جو پيٽ نه ٿيون ڀري سگهن، نو مئي  جي ڏوهارين کان ملڪي ترقي، سنڀالجندڙمعيشيت، عوام جي خوشحالي هضم نه ٿي رهي آهي. هن چيو ته نو مئي  جا ڏوهاري، ملڪ ڦريندڙ چور ۽ ملڪ کي باهه ڏيندڙ ٺڳ ڪنهن رعايت جا حقدار نه آهن. سندس چوڻ هو ته سمنڊ پار پاڪستاني سنڀالجندڙمعيشيت ۾ پنهنجو حصو وٺي رهيا آهن. مريم اورنگزيب چيو ته ڪڏهن ٻين تي ڪوڙا الزام، ڪڏهن سائفر جو فراڊ، هر ڳالهه تي ڪوڙ هاڻي ڪو به مڃڻ وارو ناهي، “ آمريڪا پنهنجي حڪومت ڪيرائي” کان ويندي “ آمريڪا مون کي بچايو” ڪو شرم هوندو آهي ڪو حيا هوندو آهي. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين جا ٿورائتا آهن جيڪي ملڪي معيشيت مضبوط  بڻائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا پيا ڪن. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت مبارڪباد جي حقدار آهي، اٺن مهينن دوران مهانگائي جي رفتار 38 کان گهٽ ٿي 4 سيڪڙو ۽ وياج جي شرح 22 کان 13 سيڪڙو تي اچڻ معجزي کان گهٽ ناهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
2 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
14 %
1.5kmh
2 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون