- Advertisement -
نئين خواب، نيون اميدون، نئين سال 2025 کي ڀليڪار، سنڌ ٽي وي نيوز طرفان ديس واسين کي نئون سال مبارڪ هجي.
نئين سال جي موقعي تي ڪراچي، اسلام آباد، لاهور، روهڙي حيدر آباد سميت مختلف شاندار آتشبازي ڪئي وئي.
ڪراچي ۾ پورٽ گرينڊ ۽ گورنر هائوس ۾ شاندار آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو، گورنر هائوس ۾ 40 منٽن تائين آتشبازي ڪئي وئي.
گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري جو چوڻ آهي ته آتشبازي جو عالمي رڪارڊ قائم ڪيو آهي، عوام سان ڪيل هڪ وڌيڪ واعدو پورو ٿيو.
هوڏانهن راولپنڊي، لاهور، ڪوئيٽا، آزاد ڪشمير، گجرانوالا ۾ به نئين سال جي موقعي تي خصوصي دعائون گھريون ويون- Advertisement -
