افغان حڪومت پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي کي افغانستان ۾ آبادڪرڻ لاءِ 10ارب رپيا گهريا هئا:بچاءَواري وزير خواجا  آصف

- Advertisement -
بچاءَواري وزير خواجا  آصف انڪشاف ڪيو آهي ته افغان حڪومت پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي کي افغانستان ۾ آبادڪرڻ لاءِ 10ارب رپيا گهريا هئا، هن افغان طالبان قيادت کي  چيو هو ته  اوهان گارنٽي ڏيو ته ٽي ٽي پي واپس نه ايندي ته ان تي هو خاموش ٿي ويا. هڪ ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته پاڪستان جي دفاع کي اندريان خطرا آهن، هو ٻاهر جي خطرن جو مقابلو ڪري سگهن ٿا، ان لاءِ هو پوري طرح تيار آهن. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جو وڏو سبب اهي ماڻهو آهن جيڪي هتي آڻي آباد ڪيا ويا، هو اسيمبلي ۾ هو، جڏهن بريفنگ ڏني ويئي ته انهن کي آباد ڪرڻ جو فيصلو بهتر آهي، پي ٽي آءِ باني بيان ڏنو ته 40 کان 45 هزار ماڻهو ايندا، هاڻ اهي ماڻهو ڪي پي ۾ ويٺا  آهن، ماڻهن جون حياتيون کسيون پيون وڃن. خواجا آصف جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم حڪومت ٺهڻ کانپوءِ هو افغانستان ويو هو، افغان طالبان جي بچاءَ واري وزير ۽ ٻي قيادت سان ملاقات ٿي هئي، هن کين چيو ته دهشتگردن کي نه روڪيو ويو ته هو مجبور ٿي ويندا، پوءِ ميار نه ڏجو، افغان طالبان قيادت 10 ارب رپيا گهري رهيا هئا ته ٽي ٽي پي جي ماڻهن کي ڪنهن ٻئي هنڌ ڪن. بچاءَ واري وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته فلسطينين جي قتلام ۾ ملوث ماڻهن کي مٿن تنقيد جو حق ناهي، سموري دٻاءَ باوجود هو ايتمي  طاقت به بڻيا ۽ ميزائل به ٺاهيا، ڳالهيون ڪريو پر دفاعي ٿاڪن تي حملن کي ڪيئن  جسٽيفاءِ ڪري سگهن ٿا؟ خواجا آصف چيو ته هي ن ليگ کي ٽارگيٽ ڪن، پ پ کي ٽارگيٽ ڪن پر ملڪ کي ٽارگيٽ نه ڪن، جيڪي غلطيون ضياءَ جي دور ۾ ڪيون، ان جون به معافيون به گهريون، هنن رياست جي ڳچيءَ ۾ هٿ نه وڌو، جيڪو 9 مئي ۽ 26 نومبر تي وڌو ويو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.7 ° C
19.7 °
19.7 °
21%
3.5m/s
1%
اربع
20 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون