نيوزيلينڊ جي اوپنر مارٽن گپٽل انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
نيوزيلينڊ جي اوپنر مارٽن گپٽل انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب، اربع ڏينهن مارٽن گپٽل اوچتو رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري پنهنجي ساٿين ۽ مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اعلان وقت هو جذباتي ٿيندي اکين مان لڙڪ لاڙي ويٺو. مارٽن گپٽل 47، ٽيسٽ، 198 ون ڊي ۽ 122 ٽي ٽوئنٽي ۾ نيوزيلينڊ جي نمائندگي ڪئي. مارٽن گپٽل ٽيسٽ ۾ 2 هزار 285، ون ڊي ۾ 7 هزار 346 ۽ ٽي ٽوئنٽي ۾ 3 هزار 531 رنسون ٺاهيون. سي اي او ڪرڪيٽ نيوزيلينڊ اسڪاٽ ويننڪ جو چوڻ آهي ته مارٽن گپٽل مختصر فارميٽ جي بهترين بيٽسمينن مان هڪ آهي. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ٽام ليٿم جو چوڻ آهي ته مارٽن گپٽل ميچ ونر پليئر هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.9 ° C
19.9 °
19.9 °
60%
2m/s
0%
ڇنڇر
27 °
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون