- Advertisement -
لاڙڪاڻي ۾ تيز رفتار ويگو گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ ڀاءُ ۽ ڀيڻ فوت ٿي ويا.
رحمت پور ٿاڻي جي حد هاءِ ڪورٽ روڊ تي تيز رفتار ويگو گاڏي جي ٽڪر ۾ ڳوٺ ڌامراهه واسي زميندار ۽ ناليواري ڪهاڻيڪار زاهد حسين جوڻيجو جو 30 ورهين جو پٽ مجيب الرحمان جوڻيجو سندس نوجوان نياڻي بچل خاتون سخت زخمي ٿي پيا.
پوليس حادثي واري هنڌ پهچي زخمين کي کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو، ٻئي ڄڻا زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا.
وارثن ٻڌايو ته مجيب الرحمان جوڻيجو سندس ڀيڻ بچل خاتون سان گڏ شهر گهمڻ لاءِ ويا هئا، جتي هاءِ ڪورٽ روڊ تي تيز رفتار ويگو گاڏي جو سندن ڪار سان ٽڪر ٿي پيو.
ان حوالي سان رحمت پور پوليس جو چوڻ هو ويگو ۾ سوار مگسي برادري جا ماڻهو حادثي بعد گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويا، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
