- Advertisement -
پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ منظور وساڻ دعويٰ ڪندي چيو آهي ته تحريڪ انصاف باني آهستي آهستي پنهنجي مطالبن تان پٺتي هٽندو ۽ رليف وٺڻ جي ڪوشش ڪندو.
جاري ڪيل بيان ۾ منظور وساڻ چيو ته تحريڪ انصاف باني جا مطالبا ڪنهن به صورت ۾ نه مڃيا ويندا، پي ٽي آءِ باني جيڪا پهريان مطالبا ڪيا هئا هاڻي هو انهن تان به پٺتي هٽي ويندو.
سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف باني جو جيڪو گذريل سال پريشر هو، اهو نئين سال ۾ نظر نه اچي رهيو آهي.
پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ منظور وساڻ چيو ته پي ٽي آءِ باني ۽ پارٽي جي پوزيشن گهٽ ٿيندي نظر اچي پئي، جيڪڏهن باني جي حق ۾ ٽرمپ ڪجهه چيو ته هو به کيس ابسوليوٽلي ناٽ چوندا، هاڻي عالمي حالتون بدلجي چڪيون آهن ڪوبه ڪنهن جي دٻاءُ ۾ نه ايندو، هو پي ٽي آءِ کي مختلف گروپن ۾ ورهائجندي ڏسي رهيو آهي.- Advertisement -
