- Advertisement -
جي ايڇ ڪيو حملو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ بانيءَ جي بريت واري درخواست رد ڪئي وئي.
راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه 9 مئي جي ايڇ ڪيو حملو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ بانيءَ سميت ٽن اڳواڻن جي بريت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت پي ٽي آءِ باني، ڪرنل رٽائرڊ اجمل صابر ۽ سهيدل عرفان عباسيءَ جي بريت واري درخواست رد ڪئي.
پراسيڪيوٽر ظهير شاهه دليل ڏنا ته ڪيس جو ٽرائل جاري آهي، ٻارهن اکين ڏٺن شاهدن جا بيان رڪارڊ ٿي چڪا آهن، هن وقت بريت بابت درخواست ٻڌڻ مناسب ناهي.
پراسيڪيوشن بريت خلاف دليل ڏنا، جنهن سان عدالت اتفاق ڪيو.- Advertisement -
