- Advertisement -
ڄامشورو ضلع جي مختلف علائقن ۾ حيسڪو عملدارن رينجرز ۽ پوليس جي مدد سان رهتون ادا نه ڪندڙ ۽ بجلي چورن خلاف ڪارروائي ڪري 10 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
حيسڪو ايڪسيئن منير احمد پنهور، سب ڊويزن ڪوٽڙي جي ايس ڊي او گل بهار اوڏ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رينجرز ۽ پوليس سان گڏجي ڪوٽڙي، مانجهند ۽ ڄامشورو سميت ٻين علائقن ۾ آپريشن ڪري ڪيترائي ڪنيڪشن ڪاٽي 10 کان وڌيڪ ماڻھن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو ويو.
ان سلسلي ۾ ايڪسيئن منير احمد پنهور ۽ ايس ڊي او گل بهار اوڏ ٻڌايو ته حيسڪو چيف ۽ اي سي لاڙ جي خاص هدايتن تي ڄامشورو ضلع اندر ريجرز ۽ پوليس سان گڏجي رهتن جي وصولي ۽ بجلي چورن خلاف گرينڊ آپريشن شروع ڪري 10 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
هنن چيو ته بقايائون ادا نه ڪندڙ ۽ بجلي چورن خلاف ڪارروائي جاري رکي ويندي.- Advertisement -
