تازه ترين

دوداپور ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ نينگر ۽ عورت قتل

- Advertisement -
دوداپور ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ نينگر ۽ عورت قتل ٿي ويا، جڏهن ته هڪ نينگر زخمي ٿي پيو آهي، جڏهن ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي جيڪب آباد کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. پنهون ڀـَٽِي ٿاڻي جي حد ڳوٺ سونو ڪٽوهر ۾ هٿياربندن گهر تي فائرنگ ڪئي. هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ نينگر نويد ڪٽوهر ۽ ڪلثوم ٿڏي تي ئي قتل ٿي ويا، جڏهن ته نينگر وحيد زخمي ٿي پيو. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول نينگر ۽ عورت جا لاش ۽ زخمي کي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. نويد ڪٽوهر ۽ ڪلثوم جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي جيڪب آباد کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب جو چوڻ آهي ته پنجن ورهين جي نينگر ۽ عورت کي قتل سميت هڪ نينگر کي زخمي ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
14 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
6 %
5.9kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون