مهانگائي ٻن ورهين جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي

- Advertisement -
مهانگائي ٻن ورهين جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي، شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جنوري ۾ سالياني بنيادن تي مهانگائي ۾ اضافي جي رفتار 2 ڏهائي 4 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، جيڪا ڊسمبر 2024ع ۾ 4 ڏهائي هڪ سيڪڙو هئي، . شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ماهوار بنيادن تي جنوري ۾ مهانگائي ٻڙي ڏهائي 2 سيڪڙو وڌي، جيڪي گذريل  مهيني جي ڀيٽ ۾ ٻڙي  ڏهائي هڪ سيڙو اضافي ۽ جنوري 2024ع ۾ هڪ ڏهائي 8 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. بروڪريج فرم ٽاپ لائن سڪيورٽيز موجب مالي سال 2025ع جي پهرين ستن مهينن ۾ مهانگائي 6 ڏهائي 5 سيڪڙو رهي، جيڪا گذريل مالي سال جي ان عرصي ۾ 28 ڏهائي 73 سيڪڙو هئي. شماريات کاتي موجب سالياني بنيادن مهانگائي 2 ڏهائي 7 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، جيڪا ڊسمبر ۾ 4 ڏهائي 4 سيڪڙو ۽ هڪ سال اڳ 30 ڏهائي 2 سيڪڙو هئي. انکن اگرن موجب ماهوار بنيادن تي شهري علائقن ۾ مهانگائي ٻڙي ڏهائي 2 سيڪڙو وڌي، جڏهن ته ٻهراڙين ۾ هڪ  ڏهائي 9 سيڪڙو ٿي وئي آهي. شماريات کاتي موجب هول سيل پرائز انڊيڪس جي مهانگائي به جنوري ۾ گهٽ ٿي ٻڙي ڏهائي 6 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، جيڪا  گذريل سال جي ان مهيني ۾ 27 سيڪڙو هئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
37%
1.9m/s
0%
خميس
21 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون