- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت کي 5 آگسٽ واري ذهنيت کان اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ ڪشمير جي مسئلي تي بامعنيٰ ۽ نتيجو ڏيندڙ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، ڪشمير ڀارت جو حصو نه ٿو بڻجي سگهي، پاڪستان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ۾ ساڻن گڏ آهي.
ڪشمير جي ٻڌي واري ڏهاڙي جي موقعي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جي خاص اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، هو حڪومت ۽ 24 ڪروڙ عوام جي طرفان ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار ڪرڻ لاءِ آيو آهي.
هن چيو ته 5 فيبروري ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد لاءِ سندن پختي عزم جي تجديد جو ڏينهن آهي، 5 فيبروري هندستان کي ياد ڏياري ٿو ته ڪشمير 5 آگسٽ 2019 جهڙين ڪاررواين ذريعي ڪنهن جو به حصو نٿو بڻجي سگهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي والاريل ڪشمير جي حمايت ۾ گهٽتائي نه ايندي، ڀارت کي ڪشمير تڪرار تي بامعنيٰ ۽ نتيجو ڏيندڙ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، اهو ڀارت ۽ خطي جي بهترين مفاد ۾ آهي ته 5 آگسٽ 2019 جي ذهنيت کان اڳتي وڌي، ڇاڪاڻ ته ڪشمير جو مسئلو جنگ ۽ بربريت ذريعي حل نه ٿيندو.
وزيراعظم چيو ته هو ڪشمير جي عظيم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿو، ڪشميري گذريل 7 ڏهاڪن کان پنهنجي رت سان آزادي جي ڪهاڻي لکي رهيا آهن، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام آزادي جي جدوجهد ۾ ڪشميرين سان گڏ آهن.
شهباز شريف چيو ته ڪشميرين جي آزادي جي نعري جي شدت وقت سان گڏ وڌي رهي آهي، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي واڌ سان گڏ ڪشميرين ۾ آزادي جي تڙپ به وڌي رهي آهي.- Advertisement -
