تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارت کي تيل ۽ گيس فراهم ڪرڻ جو اعلان

- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارت کي تيل ۽ گيس فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته وٽن گھڻي مقدار ۾ تيل ۽ گيس آهي جيڪو هو ڀارت ئي ڏئي سگھن ٿا. واشنگٽن ۾ ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي ۽ امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ملاقات کانپوءِ نيوز ڪانفرنس ڪئي. امريڪا ۽ ڀارت دهشتگردي خلاف گڏجي ڪم ڪرڻ جو عظم ظاهر ڪيو جڏهن ته صدر ٽرمپ ممبئي حملن ۾ مبينا ملوث پاڪستاني ڪنيڊيل تهور رانا کي امريڪا کان ڀارت جي حوالي ڪرڻ جي راضپو ڏيکاريو. ان موقعي تي ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته ايف 35 سميت ڪيترن ئي ارب ڊالر جو فوجي سامان ڀارت کي ڏيندا، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جو ڀارت سان گڏجي مقابلو ڪيو ويندو. ٽرمپ چيو ته بائيڊن دونر ۾ امريڪا ڀارت لاڳاپا بهتر  نه هئا، ڀارت سان اهو ئي ٽيرف هوندو جيڪو امريڪا تي لاڳو ٿئي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ ٽرمپ چيو ته يوڪرين کي نيٽو ۾ نه هجڻ گهرجي، جنگ سبب يوڪرين کي نيٽو ۾ شامل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. امريڪي صدر اهو به چيو ته چين سان امريڪا جا تمام سٺا لاڳاپا هوندا، چين کين يوڪرين جنگ ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگھي ٿو، هو هڪٻئي خلاف هٿيارن بدران پنهنجي ترقي تي رقم خرچ ڪندا. ان موقعي تي نريندر مودي پرچين تي لکين بيان ٽرمپ آڏو بار بار ڏسي پڙهندو رهيو. نريندر مودي جو چوڻ هو ته ڊونلڊ ٽرمپ امريڪا ڀارت لاڳاپن کي متحرڪ ڪيو، امريڪا پاڻ کي عظيم بڻائڻ چاهي ٿو ۽ هو به ڀارت کي عظيم بڻائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ٽرمپ ٻه طرفي واپار جو حجم ٻيڻو ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي، نيوڪليئر انرجي جي ميدان ۾ امريڪا سان سهڪار وڌائيندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
27 %
1.8kmh
22 %
اڱارو
20 °
اربع
26 °
خميس
27 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °

تازه ترين خبرون