- Advertisement -
سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان امريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جي ملاقات ٿي جنهن ۾ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
سعودي ميڊيا موجب، سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان امريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو رياض ۾ ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
سعودي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي طريقن جو جائزو ورتو ويو.
ملاقات ۾ غزه جنگبندي معاهدي ۽ فلسطين مسئلي تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي، جڏهن ته روس يوڪرين جنگ روڪڻ جي باري ۾ به ڳالهيون ڪيون ويون.
امريڪي پرڏيهي کاتي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ اهڙي انتظام جي اهميت تي ڳالهه ڪئي جيڪا علائقائي سلامتي ۾ مددگار ثابت ٿئي.- Advertisement -
