- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري اڳوڻي وزير ۽ سينئر سياستدان نواب محمد يوسف ٽالپر جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.
صدر آصف علي زدراري پاران نواب محمد يوسف ٽالپر جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم جي سياسي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو.
صدر آصف علي زدراري سوڳوار خاندانن سان محمد يوسف ٽالپر جي وفات تي پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو.
ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف پڻ سينيئر سياستدان محمد يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم مرحوم جي مغفرت ۽ پونيئرن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.
سندس چوڻ هو ته محمد يوسف ٽالپر جي وڇوڙي تي هو سندس پونيئرن سان ڏک ۾ شريڪ آهن.
هوڏانهن سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني پ پ اڳواڻ محمد يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته محمد يوسف ٽالپر جي وڇوڙي تي کيس ڏک پهتو آهي.
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو ته نواب يوسف ٽالپر نامور سياستدان ۽ عوامي خدمت لاءِ وقف شخص هو، سندس سياسي ۽ سماجي خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.
هن چيو ته سندس وفات نه رڳو پاڪستان پيپلزپارٽي لاءِ پر ملڪي سياست لاءِ به برداشت نه ٿيڻ جوڳو نقصان آهي……….- Advertisement -
