- Advertisement -
ايس ايس پي حيدرآباد ۽ وڪيلن وارو معاملو هڪ ڀيرو ٻيهر شدت اختيار ڪري ويو.
حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسي ايشن جي سڏ تي ايس ايس پي کي هٽائڻ لاءِ سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد، سيشن ۽ سول ڪورٽ ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو ويو.
وڪيل سيشن ڪورٽ جي مک دروزاري آڏو بيهي رهيا ۽ پوليس اهلڪارن کي داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو.
سينيئر وڪيل ڪي بي لغاري سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سرڪار وڪيلن سان مس ڪمينٽمينٽ ڪئي آهي، ڊي آءِ جي حيدرآباد وڪيلن جو رکيل ناهي، ڊي آءِ جي پاڻ موقف ڏنو ته ايس ايس پي حيدرآباد هاڻي هتي نه رهندو.
سندس چوڻ هو ته وڪيلن کان ڌرڻو ڊرامائي انداز ۾ ختم ڪرائي چيو ويو ته ايس ايس پي حيدرآباد کي هٽايو ويو آهي.
سينيئر وڪيل ڪي بي لغاري چيو ته جيڪڏهن هاڻي ايس ايس پي حيدرآباد کي نه هٽايو ويو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ وڪيلن برادري مان احتجاج ڪيو ويندو.- Advertisement -
